چيف انجنيئر ولي محمد نائچ کي بحال ۽ سردار شاهه کي هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سروس ٽربيونل عدالت ۾ سکر بئراج آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر ولي محمد نائچ کي عهدي کان هٽائڻ خلاف  داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٻيهر ولي محمد نائچ کي چيف انجنيئر مقرر ڪرڻ حڪم ڏيندي سردار شاهه کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي چيف انجنيئر سردار شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي 3 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته ولي محمد کي 7 مهينن دوران 4 ڀيرا عهدي تان هٽايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.