نيڪٽا کان دهشتگردي خلاف کنيل قدمن جا تفصيل طلب

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ هزاره برادري ٽارگيٽ ڪلنگ پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻُڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي کان دهشتگرديءَ جي انت لاءِ کنيل قدمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ نيڪٽا آفيسرن جي فهرست ۽ ذميوارين جا تفصيل پڻ گُهريا آهن. سپريم ڪورٽ بازياب شهرين جا بئنڪ اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جو رڪارڊ طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته هزاره برادريءَ جي بازياب شهرين جي پُرامن زندگين ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي وڃي، چيف جسٽس نيڪٽا ميمبر کان پُڇاڻو ڪيو ته پوءِ توهان ڇا ڪندا آهيو؟ جنهن تي نيڪٽا ميمبر مؤقف اختيار ڪيو ته اسان صرف انهن ماڻهن جا نالا ويب سائٽ تي وِجهندا آهيون. جنهن تي چيف جسٽس  نيڪٽا ميمبر کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته ويب سائٽ تي نالو وِجهڻ لاءِ 21هين گريڊ جي آفيسر جو ڪهڙو ڪم؟ ويب سائٽ تي نالو وِجهڻ لاءِ صرف هڪ اسسٽنٽ ئي ڪافي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.