اڳوڻي چيف جسٽس جي انڪشاف بعد هاڻ وڊيو اينديون :جاويد لطيف

اسلام آباد ( م ڊ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف انڪشاف ڪيو آهي ته جسٽس شوڪت صديقي، ارشد ملڪ ۽ راڻا شميم جي انڪشافن کانپوءِ ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون سامهون اچڻ واريون آهن.جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته هاڻي ڪجهه وڊيوز به سامهون اينديون، مون وٽ وڊيوز نه آهن پر ٻڌو پيو وڃي ته اهي جلد سامهون اينديون. جاويد لطيف چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار طاقتور ماڻهن سان گڏ واٽس ايپ گروپ جو ميمبر هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.