ٽنڊي جان محمد ۾ ٻارڙي جي ڪيس ۾ جوابدارن پاران قتل جو اعتراف

ٽنڊو جان محمد (رپورٽ: علي احمد جروار)  گذريل ڏينھن ا گُلن جھڙي ٻارڙي  ارون ڪمار جي مبينا قتل ڪيس واري معاملي ۾ اھم اڳڀرائي.پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  جن ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو. 2 مھينا پھرين ٽنڊي جان محمد جي ھريجن ڪالوني ۾ ارون ڪمار پٽ سريش ڪمار  جو واٽرڪورس  مان لاش مليو،  ٻارڙي جي  وارثن به ٻُڏي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي.اُن کانپوءِ گذريل ڏينھن وارثن پاران ھِن مامري کي ٻيھر اُٿاريو ويو، وارثن پاران مقامي ٿاڻي تي درخواست ڏني وئي.پي ايس ٽنڊو جان محمد ايس ايڇ او حامد مري ۽ ڊي ايس پي جھڏو سڄاڻ سنگھه سوڍو پاران مقتول جي وارثن جِي نشاندھي تي جوابدار تيرٿ پٽ والجي چوھاڻ کي گرفتار ڪري پڇاڻو ڪيو . ،جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪندي پنھنجي وڏي ڀاءُ ورڌو پٽ والجي چوھاڻ کي پڻ ملوث ڄاڻايو.پوليس فورن ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪري ٻنھي جوابدارن خلاف مقتول جي ڏاڏي نرسنگھه ميگھواڙ جي فرياد تي ايف آءِ آر u.s 302 109 PPC قلم تحت ٽنڊو جان محمد ۾ داخل ڪئي وئي.    مقتول جي ڏاڏي نرسنگھ چوھاڻ ٻڌائيندي چيو  ته گذريل ڏينھن اکين ڏٺن گواھن ٻڌايو ته توھان جي معصوم کي جوابدارن قتل ڪيو آھي. جوابدارن واري ڌُر ڌمڪيون ڏئي رھي ھئي ته ڪنھن کي ٻڌايو ته توھان جو به حشر ساڳيو ئي ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.