پ پ جي ڪنهن ميمبر کي فون ڪال اچڻ جي خبر ناهي: ڪائره

اسلام آباد(م ڊ)پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پي ڊي ايم عملي طور پنهنجو ڪم نه پئي ڪري، اتحاد ۾ اسان جي توهين ڪئي وئي، شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي، اي اين پي کي راضي ڪري معافي ورتي وڃي، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪو قانون نقصانڪار آهي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پي ٽي اءِ جا اتحادي آساني سان ووٽ نه ڏين،هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته اسان جي پارٽي ۾ ڪنهن نمائندي کي طاقتور حلقن جو فون آيو هجي.

  • ميرپورساڪري ۾ شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش

ميرپور ساڪرو(ن ع آ)ينگ سوشل نيٽورڪ پاران 13 ڏينهن اڳ قتل ٿيل ويل شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري کيس سرخ سلام سوشل ھائوس ۾  پيش ڪيو ويو عبدالرزاق ڪلمتي، علم الدين رند، قادر موليپوٽو، ، عبدالغني عباسي، ڌڻي بخش لاشاري، مجاھد ڪلمتي، رشيد ھديو ۽ ٻين چيو ته شھيد ناظم جوکيو لازوال قرباني پکين خاطر ڏئي امر ٿي ويو ناظم جوکيو جي قاتلن کي ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي.

  • افغانستان ۾ 130 عورتن کي وڪرو ڪرڻ وارو شخص سوگهو

قندوز (م ڊ) طالبان پاران افغانستان جي اتر صوبي جوز جان ۾ مبينه طور تي لڳ ڀڳ 130 عورتن کي وڪرو ڪرڻ وارو شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق صوبائي پوليس جي سربراه داملا سيراج اڱاري جي ڏينهن ميڊيا کي ٻڌايو ته هن شخص کي صوبي جوز جان ۾ سومر جي رات گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اسان ان ڪيس جي جاچ جي شروعاتي مرحلي ۾ آهيون، صوبي جوز جان جي سربراه ڊسٽرڪٽ پوليس چيو ته اهو شخص غريب عورتن کي انهن جي حالت بهتر ڪرڻ ۽ انهن کي شادي امير شخص سان ڪرائڻ جي لالچ ڏئي انهن کي ٻئي صوبي ۾ وٺي وڃي وڪرو ڪري ٿو .

  • پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪمند اگهه هڪجهڙو مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت پنجاب ۽ سنڌ صوبي ۾ ڪمند جي قيمت هڪجهڙي مقرر ڪرڻ لاءِ دائر درخواست کي ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي خارج ڪري درخواست گزار کي لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،چيف جسٽس چيو ته کنڊ جو مسئلو صوبائي معاملو آهي، اسان ڇو ٻڌون..؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت اسان نوٽيس جاري ڪيون، کنڊ جون قيمتون ڪير طئي ڪندو آهي

  • ڪراچي مارڪيٽ ۾ لڳل باهه جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر) صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد جي کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڪراچي ۾ باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيل صدر ڪوآپريٽو مارڪيٽ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هن مارڪيٽ ۾ لڳل باهه جا سبب ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جي جائزي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان جي رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيل مارڪيٽ جو دورو ڪيو ۽ متاثر ٿيل واپارين سان ملاقات ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.