سکر پوليس هالاڻي مان کنڀيل نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻو

سکر/ ھالاڻي (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو/ اعجاز خاصخيلي) هالاڻي مان 2 ڏينهن اڳ دڪان تي ويٺل ڳوٺ شاھ بخش رند جو رهواسي نوجوان لياقت رند ۽ سندس ٻن دوستن کي هڪ ويگو ۽ ٻن پوليس موبائلن ۾ سوار ٻٽ ٻڌل اهلڪار کنڀي کڻي ويا هئا، سکر جي اي سيڪشن  پوليس نوجوان لياقت رند کي مبينا پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو ۽ سندس مٿان 29  مختلف قسمن جا ڪيس داخل هجڻ جي دعوي ڪري ڇڏي آهي، لياقت رند جي وارثن لياقت جو لاش قومي شاهراھ تي رکي ٽائرن ساڙي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٻنهي طرفن کان روڊ بند ٿي ويو، جنهن سبب هزارين گاڏيون بيهجي ويون ۽ هزارين مسافر بک ۽ اڃ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا، ان موقعي تي لياقت رند جي پيرسن پيءُ حاڪم علي رند، پيرسن امڙ ۽ چاچي ذوالفقار عرف ڀٽو رند دانهون ڪندي چيو ته پوليس اهلڪار آچر ڏينهن لياقت کي سندس ٻن دوستن سان گڏ هالاڻي مان ڏينهن ڏٺي جو هڪ ڪاري ڪلر جي ويگو ۽ ٻن پوليس موبائيلن ۾ کڻي ويا هئا ۽ ٻئي ڏينهن تي ڪوڙي مقابلي ۾ اسان جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃا تائين اسان جا ٻه ماڻھو سکر پوليس لاپتا ڪري ڇڏيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ڪوڙي مقابلي ۾ پٽ کي قتل ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري گم ٿيل ٻن ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ بيگناھ قتل ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين لياقت رند جو لاش قومي شاهراھ تي پيل هو ۽ ڌرڻو جاري هو ۽ پنج ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو ۽ پوليس آفيسر مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ نه پهتو هو،  ٻي پاسي ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب مارجي ويل ڏوهاري سکر، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ سنگين قسم جي ڪيسن ۾ گهربل ۽ ڏوهن جي علامت بڻيل هو جنهن کي اي سيڪشن پوليس مقابلي بعد ماري وڌو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا مارجي ويل ڏوهاري ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.