ٽي سال خاموش رهڻ بعد پراسرار حلفي بيان اچي ٿو، ججن تي تنقيد ڪريو، مس ڪنڊڪٽ نه:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي جج خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ راڻا شميم، مير شڪيل الرحمان، انصار عباسي ۽ دي نيوز جي ايڊيٽر عامر غوري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ججن تي تنقيد ڪيو پر مس ڪنڊڪٽ نه.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج رانا شميم جي الزامن تي اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد، چيف ايڊيٽر مير شڪيل الرحمان، دي نيوز جو ايڊيٽر عامر غوري ۽ رپورٽر انصار عباسي پيش ٿيا. عدالتي حڪم باوجود اڳوڻو جج رانا شميم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، راڻا شميم جو پٽ عدالتي ڪمري ۾ پيش ٿي ڪري وڊيو هلائڻ جي اجازت گهري ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهرمن الله مير شڪيل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته مير شڪيل صاحب توهان کي وڏي دل سان هتي گهرايو آهي، هي عدالت هڪ آزاد ۽ آئيني ادارو آهي، پريس جي آزادي اهم آهي، سوشل ميڊيا ۽ پريس ۾ فرق آهي. چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته اوهان جي رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ سوال اٿاريا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي عدالت جي هر جج تي اعتماد ۽ ڀروسو آهي، جج به احتساب جي قابل آهن ۽ تنقيد به ٿيڻ گهرجي.  چيف جسٽس اطهرمن الله انصار عباسي کي حڪم ڪيو ته پنهنجي اخبار جي خبر جي هيڊ لائن پڙهو. چيف جسٽس انصار عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان راڻا شميم پڇيو ته هن لنڊن مان حلف نامي کي نوٽرائز ڪيو، جنهن تي انصار عباسي عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس به ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ٽي سال خاموش رهڻ بعد پراسرار حلفي بيان اچي وڃن ٿا. چيف جسٽس چيو ته جنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ان ڏينهن ۾ مان ملڪ ۾ نه هئس، انصار عباسي صاحب هي ڳالهه رجسٽرار آفيس مان ئي چيڪ ڪري وٺو ها، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ٻڌڻي کانپوءِ  درخواست گذار جي وڪيل تاريخ تي اعتراض ڪيو؟ هي ساليانو عدالتي موڪلن جو وقت هو، پر توهان رجسٽرار کان پڇا به نه ڪئي، جڏهن ڪيس مقرر ٿيو ته جسٽس عامر فاروق ۽ مان پاڪستان ۾ نه هئاسين، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس گل حسن اورنگزيب پاڪستان ۾ هئا. جڏهن فيصلو ٻڌايو ويو ته ساڳئي ڏينهن فيصلو معطل ڪيو ويو، هن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، رجسٽرار کان پڇو ته 2 بينچز هڪ سال کان ڪم ڪري رهيا هئا.  چيف جسٽس چيو ته مير شڪيل صاحب روسٽرم تي اچو ۽ اسٽوري جي هيڊ لائن پڙهي ٻڌيو، جنهن تي مير شڪيل الرحمان چيو ته مون وٽ عينڪ نه آهي، جنهن تي عدالت صحافي انصار عباسي کي اسٽوري جي هيڊ لائن پڙهڻ جي هدايت ڪئي، جسٽس اطهرمن الله رمارڪس ڏيندي چيو ته هن هاءِ ڪورٽ جي ججن تي تنقيد ضرور ڪيو پر عوام جو اعتماد نه کڻايو، اسان پنهنجو پاڻ کي دفاع نٿا ڪري سگهون، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ڀيرا منهنجي خلاف مهم هلائي وئي آهي، توهان کي ڪير حلفي بيان ڏيندو ته ڇا توهان ان کي پهرين صفحي تي ڇاپيندئو، هي ڪيس غير جانبدار هوندا. جسٽس اطهرمن الله وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن منهنجي سامهون ڪو جج ائين چوي ته مان سپريم جوڊيشل ڪائونسل ويندس، هڪ چيف جسٽس ڪنهن جي سامهون چوي ته ڏوهه ڪيو، پوءِ 3 سالن تائين خاموش رهي، پوءِ پراسرار طور سان حلفي بيان  سامهون اچي ٿو وڃي، اخبار ڪيئين اهڙو بيان حلفي ڇاپيو؟، عدالتي نظام انصاف کي لاڳيتو متاثر ڪيو پيو وڃي. راڻا شميم جي پٽ عدالت کي ٻڌايو ته رانا شميم وڏي ڀاءُ جي فوت ٿيڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي، ان دوران راڻا جي وڪيل راڻا حسن چيو ته والد راڻا شميم سان گڏ فيصل واوڊا کي به نوٽيس ٿيڻ گهرجي، ڇا توهان ڪالهه فيصل واوڊا  جي ڳالهه ٻڌي؟ جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته مان ڪيس کي ٻئي ڪنهن به شئي سان مڪس نه ٿيڻ ڏيندس، توهان الڳ سان درخواست ڏيو. انصار عباسي چيو ته حلف نامي جي خبر منهنجي آهي ۽ مان ئي ڪئي آهي، هڪ طرف اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان هو ته ٻئي طرف گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جسٽس هو،  عدالت بار ڪائونسل، پي ايف يو جي صدر ۽ ريما عمر کي مددگار مقرر ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.