اڪري ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 5 زخمي

اڪري چودڳي (ن ع آ ) اڪري چودڳي  ٿاڻي جي حد اڪري لڳ ڳوٺ سانگهڙجوويرو ۾ راڄپر۽ بروهي برادري جي  ٻن ڌرين ۾ ساڍا پنج ايڪڙ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري/ ٻنهي ڌرين جا محمد علي راڄپر پٽ الهوڌايو راڄپر ۽ قربان علي پٽ عبدالحق بروهي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏھن ته گوليون ڪهاڙيون، لٺيون سروٽا لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا سبحان راڄپر ڀورل بروهي،غلام حسين لاشاري، غلام شبيرلاشاري زخمي سميت 5  ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن کي کي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ پهچايو جتان گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿيل سبحان راڄپر کي نواب شاهه منتقل ڪيو ويو آهي  هوڏانهن مقتول محمد علي راڄپر جي پيء الهوڌايو راڄپر ٻڌايو ته اسان 5 سال اڳ بروهين کان زمين ورتي هئي جنهن تان منظور بروهي ،غلام مصطفيٰ محمود بروهي  خالد بروهي احسان بروهي حيات بروهي وارن سان تڪرار هلندڙ هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.