ناظم جوکيو جي وارثن کي ڌمڪيون، ڄام اويس سميت 6 جوابدار وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

ڪراچي/ ملير (رپورٽرز) ملير جي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس گهرام سوڌو 6 جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي، عدالت جوابدارن کي 18 نومبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪالهه ملير پوليس ڄام اويس گهرام کي سخت حفاظتي پهري ۾ بڪتربند گاڏي ۾ ملير جي جوڊيشل ميجسٽريٽ 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سندس گارڊن امير علي ۽ حيدر کانسواءِ گرفتار عبدالرزاق سالار، معراج جوکيو ۽ جمال وحيد کي عدالت ۾ پڻ الڳ الڳ پيش ڪيو ويو، عدالت جي ٻاهران پڻ سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، عدالت ۾ پيشي دوران جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ملير جاچ پوليس 13 ڏينهن جاچ ڪئي آهي، هاڻي جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، ناظم جوکيو جي وارثن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جاچ آفيسر مُک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، اسان شروع ۾ ئي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي، ناظم جي وارثن ۽ وڪيلن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن عدالت کين تحفظ فراهم جو حڪم ڏي. جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ واري استدعا رد ڪئي وئي، عدالت ۾ جاچ آفيسر ٻڌايو ته مقتول جا سڙي ويل ڪپڙا ۽ موبائيل فون فارنزڪ ليب  اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيس جي فريادي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته ناظم جوکئي جا سڙي ويل ڪپڙا ۽ موبائيل فون جي تصديق اسان کان نه ڪرائي  وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهم ثبوت ملڻ وقت نه درخواستگذار موجود هو نه وڪيلن هئا، جڏهن ته ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ کي درخواست ڪئي آهي ته ان جي فارنزڪ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.