ٺاروشاھ ڀرسان انبن ۽ ڪيلن جو واپاري قتل

ٺاروشاھ (ن ع آ) ٺاروشاھ ڀرسان دربيلو جي رهواسي انبن ۽ ڪيلن جي واپاري منور سهاڳ کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واپاري منور سهاڳ ڪم سان وڃي رهيو ته شاھ جي مشين وٽ نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪئي گوليون لڳڻ سبب منور ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ٺاروشاھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جو جنازي نماز  اڄ دربيلو ۾ ادا ڪئي ويندي،  ايس ايچ او ٺاروشاھ اشرف ميمڻ ٻڌايو ته ٻن هٿيار بندن منور سهاڳ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي، واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪري رهيا آھيون واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏھن ته منور جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي خبر ناهي ته ڪنهن قتل ڪيو آهي جڏھن ته ٺاروشاھ ٿاڻي تي ٻن نامعلوم هٿيار بندن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.