ڳڙهي تيغو ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪار شهيد

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ نئين قائم ٿيل ٿاڻي شهيد منور علي جتوئي پوليس چوڪي ۽ ڳوٺ تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي ٿيل بڪتربند ڊرائيور پوليس اهلڪار واحد بخش ڀٽو فوت ٿي ويو، سندس جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهيد اهلڪار جي وارثن لاءِ پوليس ۾ ٻه نوڪريون ۽ هڪ ڪروڙ روپين جو اعلان ڪيو ويو، ياد رهي ته 14 نومبر جي رات اڍائي وڳي ڌاري ڳڙهي تيغو جي شهيد منور علي جتوئي ٿاڻي تي هٿياربندن جديد اسلحي سان حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ بڪتر بند گاڏي جو ڊرائيور شهيد واحد بخش ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي سکر جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جيڪو ڪالھه اڱاري ڏينهن زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو، جنهن جي جنازي نماز ايس ايس پي آفيس گرائونڊ شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين تنيو سميت شهرين، پوليس آفيسرن، صحافين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهيد اهلڪار جي جنازي نماز بعد کيس سلامي پيش ڪئي وئي ۽ سندس مڙهه اباڻي قبرستان لکي غلام شاھ  ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد واحد بخش ڀٽو سوڳوارن ۾ گهرواري، 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون ڇڏيون آهن، شهيد اهلڪار پوليس ڊرائيور هو جنهن پوليس کاتي ۾ 30 سال 6 مهينا ۽ 3 ڏينهن خدمت سرانجام ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.