غير قانوني ٺاهيل عمارتن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ دهلي ڪالوني ۾ 66 گز جي پلاٽ تي 8 ماڙ عمارت ٺاهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت بلڊز خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن جي وڪيل چيو ته 3 آفيسر رٽائرڊ ٿي ويا آهن ۽ 4 حاضر سروس آهي، عدالت چيو جيڪڏهن رٽائرڊ به ٿي ويا آهن ته انهن جا نالا رپورٽ ۾ شامل ڪيا وڃن، عدالت جو 15 ڏينهن اندر ڪارروائي ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ اهڙيون عمارتون جيڪي غيرقانوني ٺاهيون ويون آهن اسان انهن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.