ڪراچي جي ڇا حالت آهي؟، سنڌ حڪومت ملي ڀڳت سان ادارا تباهه ڪيا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ انڊا موڙ ڪراچي مصطفي آباد ۾ روڊ جي زمين ليز تي ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت هڪ مهيني ۾ انڊا موڙ کان منگهو پير روڊ ڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو ته پهرين رهواسين کي معاوضو ۽ متبادل جڳهه ڏني وڃي ان کانپوءِ روڊ کي بحال ڪيو وڃي، عدالت ڪي ايم سي سميت لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ گهري ورتي آهي، عدالت روڊ جي زمين ليز تي ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس فيصل ڪمال عالم رمارڪس ۾ چيو ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت ٻين ادارن سان ملي ڀڳت ڪري ادارن کي تباهه ڪيو آهي، ڪي ايم سي جي وڪيل اعتراف ڪيو ته ڪي ايم سي 1982ع ۾ روڊ ليز تي ڏنو، 1987ع ۾ سنڌ حڪومت مصطفيٰ آباد پڪو ڪيو، جسٽس ظفر احمد راجپوت جو چوڻ ته اڌ جڳهه روڊ تي اڌ جڳهه ليز تي ڏني وئي، ڪي ايم جي وڪيل چيو ته 75سيڪڙو روڊ ۽ 25 سيڪڙو روڊ تي آبادي ٺاهي وئي، عدالت چيو ته شهر ۾ ڪهڙي ڪهڙي روڊ تي آبادي آهي، ڪي ايم سي جي وڪيل رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته 2000ع ملينيم مال روڊ ۽ انڊاموڙ کان منگهو پير روڊ تي قبضو آهي، مصطفي آباد کي خالي ڪرائڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، 130 گهر خالي ڪيا ويا آهن، زمين حاصل ڪئي وئي آهي سنڌحڪومت کي معاوضو ڏيڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.