2 ڪلاڪ وڌيڪ ڊيوٽي ڪرڻ کان کُتو جواب، ينگ ڊاڪٽرز هدايتون ٿڏي ڇڏيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن پنجاب جي صحت واري وزير جون هدايتون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

صحت واري صوبائي وزير ياسمين راشد سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز جو وقت 4 وڳي تائين ڪيو هو راولپنڊي ۾ ينگ ڊاڪٽر 2 وڳي کانپوءِ او پي ڊيز بند ڪري ڇڏيون.

ينگ ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته حڪومت سهولتون ڏئي ته ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پنجاب جي صحت واري وزارت جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

صدر ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن شفيع نيازي چيو ته اسپتال انتظاميا حڪومت کي خوش ۾ رڌل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.