سنڌ اسيمبلي: رهائشي منصوبا ڪِرڻ کان بچائڻ لاءِ قرارداد منظور، اپوزيشن جون اَجها ڊاهڻ جي حق ۾ رڙيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)رهائشي منصوبن کي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

ايوان ۾پيپلزپارٽي جي ميمبر ندا کهڙو حددخلين جي حوالي سان قرارداد پيش ڪيو، هن جو چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته سڀني وٽ ڇت هجي، ڪنهن کي به ڇت کان محروم ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي.سڀني جي لاءِ قانون برابر هجڻ گهرجي جيڪڏهن ماضيءَ ۾ ڪنهن آفيسر ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي ته انکان پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي ۽ بلڊرز کان به پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي.

قرارداد جي خلاف مخالف ڌر جا ميمبر اسپيڪر جي ڊائس جي چوڌاري گڏ ٿي ويا، اپوزيشن ميمبرن قرارداد جون ڪاپيون ڦاڙي هوا ۾ اڏائي ڇڏيون، ان دوران حڪومتي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي.

اسيمبلي کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين جو چوڻ هو ته ناصر شاهه چيو هو ته نسلا ٽاور تي قرارداد آڻي رهيا آهيون، سڄي قرارداد ۾ نسلا ٽاور جو ذڪر ئي ناهي.

محمد حسين جو چوڻ هو ته مخالف ڌر کي ان ڳالهه تي روڪيو ويو، ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي غيرقانوني اڏاوتون ٿيون آهن، 14 سالن ۾ سنڌ حڪومت اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، اهي غيرقانوني اڏاوتن جو ڌَڪ ڌڪڻ چاهين ٿا، اهو قدم سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.

پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته نسلا ٽاور جي معاملي تي جذبات ۽ ٻه نمبري جو سهارو نه ورتو وڃي.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته قرارداد ۾ رڳو عمارتن کي تحفظ ناهي ڏنو ويو، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو به چيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.