نيڪٽا جو ڪو ڪم ڳجهو نٿو ٿي سگهي، سڀ ڪجهه ٻڌايو: چيف جسٽس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جو ڪو به ڪم ڳجهو نٿو ٿي سگهي، جيڪو ڪجهه اڄ تائين ڪيو آهي سڀ ٻڌايو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس مظهر عالم ريمارڪس ڏنا ته جنهن جو وڻي نالو فورٿ شيڊيول ۾ وڌو ويندو آهي، بنا سبب ماڻهن کي تنگ ڪيو ويندو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بلوچستان حڪومت جي درخواست تي عامر احمد سميت ٻين جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ وڌا ويا هئا، 24 نومبر تي نظرثاني بورڊ جي اجلاس ۾ انهن نالن تي ٻيهر غور ٿيندو.

نيڪٽا ميمبر آصف سيف الله عدالت کي ٻڌايو ته فورٿ شيڊيول ۾ نالا وجهڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت ڪندي آهي.

عدالت ڊي جي ڪائونٽر ٽيررازم کي روسٽرم تان هٽائيندي چيو ته ڇو نه توهان کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪيون؟ سپريم ڪورٽ شهرين جي آزادي ائين کسجڻ نه ڏيندي، نيڪٽا جو ڪو به ڪم ڳجهو نٿو ٿي سگهي، اڄ تائين جيڪو ڪجهه ڪيو آهي سڀ ٻڌايو.

چيف جسٽس چيو ته نيڪٽا دهشتگردي ڪيئن روڪيندي آهي؟ جنهن تي نيڪٽا ميمبر چيو ته ريسرچ ڪندا آهيون ۽ ماهرن کان آرٽيڪل لکرائيندا آهيون.

عدالت نيڪٽا کان دهشتگردي روڪ قدمن جا تفصيل گهري ورتا، جڏهن ته بازياب شهرين جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو رڪارڊ به فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.