سي اين جي جو اگهه ڊبل سينچري تي پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي اين جي تي سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ في ڪلو سي اين جي 200 تائين پهچي وئي.

حڪومت طرفان سي اين جي تي سيلز ٽيڪس ۾ ڪيل واڌ کي هاڻ واهپيدارن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سي اين جي جي قيمت ۾ في ڪلو 20 رپيا واڌ ٿي آهي ۽ هاڻ سي اين جي 200 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.

آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن چيئرمين موجب سيپٽمبر 2021 ۾ سي اين جي 150 رپين مان وڌائي 180 رپيا في ڪلو ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻ 200 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته 11 رپيا 86 پئسا في ڪلو گرام جي ايس ٽي کي هاڻ 21 رپيا 77 پئسا ڪيو ويو آهي، آر ايل اين جي تي جي ايس ٽي کي 5 سيڪڙو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.