شادي ۾ شرڪت کان انڪار تي عورت آپي کان ٻاهر، مڙس تي قاتلاڻو حملو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي شهر اورنگ آباد ۾ مڙس کي گهرواري جي مائٽن جي شادي ۾ وڃڻ جو انڪار مهانگو پئجي ويو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اورنگ آباد جي رهائشي شخص جي خاندان ۾ 12 نومبر تي شادي هئي، زال مڙس شام جو گهر ۾ چانهه پي رهيا هئا ته اوچتو انهن جي وچ ۾ شادي ۾ شرڪت جي حوالي سان بحث شروع ٿي ويو.

مڙس شادي ۾ شرڪت کان معذرت ڪندي گهرواري کي اڪيلو ئي وڃڻ جو مشورو ڏنو ته عورت تپي باهه ٿي وئي.

پوليس موجب مڙس جي ان انڪار تي اڳ ۾ عورت پنهنجي هٿ ۾ موجود چانهه جو ڪوپ کيس مٿي ۾ وهائي ڪڍيو انکانپوءِ ۽ هن رنڌڻي مان ڇُري کڻي مڙس تي قاتلاڻو حملو ڪري ڏنو جنهن جي ڪري ڄاڻايل شخص زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ زخمي شخص طبي امداد کانپوءِ مقامي پوليس ٿاڻي ۾ گهرواري خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.