بدين: سماجي ورڪر پاران مبينا آپگهات، زال سهري ۽ ڏير تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

بدين ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا آپگهات ڪندڙ سماجي ورڪر جي زال مڙس جي قتل جو ڪيس سندس پيءُ، ڀاءُ ۽ سئوٽ خلاف داخل ڪرائي ڇڏيو.

بدين ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ واھ مان سماجي ورڪر نياز سومرو جو لاش هٿ آيو هو جنهن کانپوءِ وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو هو.

ان سلسلي ۾ هاڻ آپگهات ڪندڙ نياز سومرو جي زال شبانا سومرو بدين ٿاڻي پهچي فوتي جي پيءُ، چاچي ۽ سئوٽ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

شبانا سومرو الزام هڻندي چيو ته سندس مڙس نياز سومرو کي پيءُ عبداللڪيم۽  ڀاءُ رياض گهران  سڏي وٺي سئوٽ محمد سومرو حوالي ڪيو جنهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن سندس لاش واھ مان هٿ آيو.

سندس موجب ٻڌايو ويو ته نياز آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته نياز پنهنجي زندگي مان مطمئين ھو، هو آپگهات نٿو ڪري سگھي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.