ڪراچي: انتظاميا جي غير قانوني قبضي خلاف ڪارروائي، واٽر بورڊ جي 20 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آجي

مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هدايتن تي انتظاميا غير قانوني قبضن خلاف ڪارروائي ڪندي واٽر بورڊ جي  20 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آجي ڪرائي ورتي.

ناصر شاهه جي هدايتن تي واٽر بورڊ، اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪري نارٿ ايسٽ ڪراچي فلٽر پلانٽ ڪالوني ۾ موجود  20 ايڪڙن کان وڌيڪ واٽر بورڊ جي زمين تي ٿيل قبضو خالي ڪرايو.

سپريڊنٽ انجنيئر محمد رياض، سپريڊنٽ انجنيئر جميل انصاري، ايگزيڪيوٽو انجنيئر عمران عبدالله جي نگراني ۾ ڪيل آپريشن ۾ چيف سيڪيورٽي آفيسر ريٽارئرڊ ڪرنل ضياء زيدي، ريٽارئرڊ ميجر مجيد ۽ ٻين حصو ورتو.

ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ انجينيئر اسد الله خان جو چوڻ هو ته سيد ناصر حسين جي ھدايتن تي غير قانوني قبضو خالي ڪرايو ويو، سهڪار ڪرڻ تي سنڌ پوليس جا ٿورائتا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.