اپوزيشن حڪومتي قانون سازي روڪڻ لاءِ پرعزم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي قانون سازي روڪڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل اپوزيشن اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو.

اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي.

گڏيل اپوزيشن عزم جو اظهار ڪيو ته ڀرپور قوت سان حڪومت جي ڪاري قانون سازي جو رستو روڪنداسين.

گڏيل اپوزيشن سڀني ميمبرن کي سڀاڻي پارليامينٽ ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.

شهباز شريف حڪومت ملڪ کي معاشي زوال ۽ عوام کي مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت ڪِرندڙ ڀت آهي، ٽيڪ ان کي نٿي بچائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.