فواد چوڌري جو راڻا شميم ۽ نواز شريف تي وڏو الزام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جج راڻا شميم لنڊن ۾ نواز شريف جي خرچ تي پيو رهي ۽ هن جيڪو حلف ڏنو، ان جي فيس نواز شريف ڏني.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪالهه عدالتن تي حملو ڪيو ويو، ن ليگ عدليا خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جج راڻا شميم لنڊن ۾ نواز شريف جي خرچ تي پيو رهي، هن جيڪو حلف نامو ڏنو، ان جي فيس نواز شريف ڏني، حسين نواز راڻا شميم کي ڊيل ڪري رهيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين يا چونڊ سڌارا عمران خان جي نه قومي ايجنڊا آهي، چونڊ سڌارن جو بل سڀاڻي پارليامينٽ مان منظور ڪرائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.