قومي اسيمبلي اسپيڪر سان اپوزيشن وفد جي ملاقات، گڏيل اجلاس گهرائڻ تي ميارون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏيل اپوزيشن جي وفد ملاقات ڪئي آهي.

گڏيل اپوزيشن جي وفد ۾ راڻا ثناءُ الله، خورشيد شاهه ۽ شيري رحمان سميت ٻيا شامل هئا.

اپوزيشن ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته توهان اپوزيشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻي تڪراري قانون سازي تي ڳالهين جي دعوت ڏني، اپوزيشن توهان جي خط تي مشاورت تي راضپو ظاهر ڪيو پر هاڻ حڪومت اجلاس گهرائي رهي آهي.

اپوزيشن ميمبرن اسد قيصر کان سوال ڪيو ته هاڻ ٻڌايو توهين ڪنهن جي ٿي؟ جنهن تي اسپيڪر چيو ته مان وزيرن کي گهرائي هاڻ ڳالهايان ٿو، اتفاق راءِ سان قانون سازي ٿئي ته بهتر.

واضح رهي ته حڪومت قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي گهرايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.