صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع ڏينهن 12 وڳي طلب ڪري ورتو.

ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو اربع ڏينهن ٻارهين وڳي ٿيندو.

اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل سميت ٻيا بل پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ اجلاس 11 نومبر تي طلب ڪيو ويو هو پر پوءِ حڪومت اهو ملتوي ڪندي چيو هو ته اهم معاملن تي اپوزيشن سان مشاورت لاءِ ڪجهه وقت گهربل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.