سُشانت سنگهه راجپوت جي خاندان جا 5 ماڻهو حادثي ۾ اجل جو شڪار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار سُوَرڳ واسي سشانت سگنهه راجپوت جي خاندان جا پنج ڀاتي روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بِهار جي رياست جي ضلعي لَکي سرائي ۾ هڪ گاڏي سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 5 ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

واقعو اڱاري جي صبح پيش آيو جڏهن هڪ ڪٽنب هرياڻا جي ايڊيشنل ڊاريڪٽر جنرل آف پوليس او پي سنگهه جي ڀيڻ جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ پٽنا کان جاموئي واپس اچي رهيو هو.

واضح رهي ته او پي سنگهه جي گهرواري سُوَرڳ واسي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي ڀيڻ آهي ۽ حادثي جو شڪار سڀ ماڻهو اداڪار جا پَري جا مائٽ هئا.

حادثي سبب فوت ٿيلن ۾ ٻه عورتون به شامل آهن حادثي جو شڪار گاڏي تباهه ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.