عالمي مارڪيٽ ۾ سون مهانگو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون اگهن ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1350رپيا لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 24 هزار 850 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1157رپيا سستو ٿي هڪ لک 7 هزار 39 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 11 ڊالر واڌ سان 1874 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.