شيخوپورا: ريل جو اسڪول وين کي ٽڪر، 3 شاگردياڻيون فوت، 9 زخمي

 

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) شيخوپورا جي علائقي سريانوالا جيتا باڙيان روڊ تي ٽرين جو اسڪول وين سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 شاگردياڻيون فوت، جڏهن ته 9 زخمي ٿي پيون.

جيتا باڙيان روڊ تي بنا ڦاٽڪ جي ريلوي ڪراسنگ کان اسڪول وين گذري رهي هئي ته ريلوي ٽريڪ تي ڦاسي پئي، ان دوران ايندڙ راوي ايڪسپريس اسڪول وين کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه شاگردياڻيون ٿڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ڪيتريون ئي زخمي ٿي پيون.

واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو اهلڪارن پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ۽ زخمي شاگردياڻين کي اسپتال پهچايو، جتي وڌيڪ هڪ شاگردياڻي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ريلوي اختيارين موجب حادثو وار برٽن ۽ شيخوپورا اسٽيشن جي وچ ۾ پيش آيو، اتي ڪو ڦاٽڪ نه هو ۽ ضلعي انتظاميا عارضي ڪراسنگ ٺاهي هئي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي اهلڪار ريلوي ڪراسنگ تي مقرر نه هئا.

حادثي کانپوءِ اسڪول وين جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ٽرين کي روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.