کپرو: ڪولهي برادري جي گھرن کي باهه، 10 گھر سڙي ويا

کپري ڀرسان ڪولهي برادري جي گھرن کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 گھر سڙي ويا.

کاهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سائينداد مري ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب وشنو ، سومجي  ۽ لالو ڪولهي جي گھرن سميت 10 گھر سڙي ويا  جنهن سبب گھرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

هنن چيو ته فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيڻ باوجود گاڏي نه پهتي، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو جڏهن ته باھ متاثرکليل آسمان ھيٺ ويٺل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.