کهڙا: سينئير صحافي جعفر لاشاري لاڏاڻو ڪري ويو، آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

کهڙا ڀرسان ڳوٺ ريڊر لاشاري واسي سينئير صحافي ۽  ليکڪ ڪامريڊ جعفر لاشاري گڙدن جي تڪليف سبب  لاڏاڻو ڪري ويو.

سينئير صحافي جعفر لاشاري گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي ٻئي گڙدا فيل هجڻ سبب علاج هيٺ هو جيڪو 49 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سندس جنازي نماز ڳوٺ ريڊر لاشاري ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ تعلقي گمبٽ جي صدر سيد لياقت علي شاه. شاعر عبدالرزاق اڄڻ. استاد حليم سومري ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن. شاعرن. ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي جي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس سوين آلين اکين سان آباڻي قبرستان ۾ مٽيء ماء جي حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.