رهڙڪي: پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا زخمي

رهڙڪي ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا

رھڙڪي ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش رھڙ ۾ ڪارنهن جي  پراڻي تڪرار تان سميجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب رضا محمد ۽ دين محمد زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان موقعي تي زخمي رضا محمد  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ مائٽن ڀائٽي عابد سميجو مٿان ڪارنهن الزام هنيو هو ، جنهن کان پوءِ هو جان جا ويري بڻجي ويا آهن.

هن چيو ته زمين تي فصل کڻڻ وياسين ته علي، عبدالعزيز سميجو ۽ ٻين ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪري رهي.

هن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.