قمبر: فهميده سيال قتل ڪيس: جوابدارن جو 6 جو رمانڊ منظور

قمبر جي عدالت خيرپور جوسو ۾ اسراڻ برادري جي هٿياربندن هٿان مارجي ويل فهميده سيال جي قتل ۾ گرفتار جوابدارن جو 6 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو.

جوابدار تصور اسراڻ. عزيز عرف ميجر اسراڻ ۽ ٻين کي پکو پوليس قمبر جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ 1 اياز علي اعواڻ جي عدالت ۾ پيش ڪري جوابدارن جو 6 ڏينهن جو جڊيشل ڪسٽڊي رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي.

جنهن تي عدالت 6 ڏينهن جو جي سي رمانڊ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 22 نومبر  تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.