ٽنڊو جان محمد: پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

کٽياڻ مائينر ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي آبادگارن انجنيئر قاضي رحيم بخش، قاضي دين ساند، لطيف بلوچ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوکي جي سيزن هلي رهي آھي زميندارن اوڌر تي ڀاڻ ورتو آهي پاڻي بند ٿيڻ سبب سخت پريشان آهيون.

هنن چيو ته 15 ڏينهن پاڻي جو وارو هو هاڻ اوهو هاڻ اهو به نٿو ملي، پاڻي منڊ جي بااثر زميندارن کي وڪيو ويو آھي، جنهن ڪري ٽيلون سڪي رهيون آھن.

آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي فراهم ڪري نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.