قاضي احمد: مختلف برادرين جي ماڻهن پاران زرعي زمينن تي قبضي خلاف احتجاج

قاضي احمد ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن پاران زرعي زمينن تي قبضي خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ديهه ٻنڀائي جي مختلف کاتيدارن پاران زمينن تي قبضي خلاف نواب ولي محمد نيشنل هاءِ وي تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ  چيو ته ڪچي جي ديھ ٻنڀاٻنڀائي ۾ زرداري مافيا پاران زبردستي زمينن تي قبضي ڪرڻ جي سخت لفظن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ هن احتجاج جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.

هن چيو ته  نواب شاھ جي زرداري مافيا پاران پوليس جي مدد سان 800ايڪڙ سروي زمين تي قبضو ڪري گھر خالي ڪرايا ويا آهن جيڪا سراسر ناانصافي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان قبضا مافيا ۽ ضلع انتظاميان کي چتاءُ ڏيون ٿا ه ته متاثر آبادگارن جي زمينن تان قبضو ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هنن وزيراعظم، سپرم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.