”ننڍين پارٽين تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وڃڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي“

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ننڍين پارٽين تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وڃڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هٿ مروڙي قانون ٺاهيندئو ته ان جي ڪا طاقت نه هوندي.

ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته راڻا شميم جي بيان جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي، اهو چوٿون اهڙو جج آهي، جيڪو آن ريڪارڊ ۽ حلفي بيان ڏئي رهيو آهي، هر شئي تي مٽي وجهو جي پاليسي سان ڪم نه هلندو.

هن چيو ته حڪومت نه پئي هلي، هلائي پئي وڃي، ننڍين پارٽين تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وڃڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اپوزيشن ميمبرن کي به ڪالز آيون آهن ته گڏيل اجلاس ۾ نه اچجو، هٿ مروڙي قانون ٺاهيندئو ته ان جي ڪا طاقت نه رهندي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جبر تحت هلي رهيو آهي، رپورٽون اهن ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي سيف هائوسز ۾ موڪليو ويو، حڪومت وٽ زبردستي واري اڪثريت آهي، حڪومت هلي نه پئي ان کي هلايو پيو وڃي، اسان هلندڙن ۽ هلائيندڙن کي به سڃاڻون ٿا، اهو سڀ ڪجهه 19 نومبر کان اڳ ڪرڻ سڀني معاملن کي شڪي بڻائي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.