سنڌ حڪومت ڪورونا پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا سبب لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪري ڇڏي.

صوبائي گهرو کاتي طرفان ڪورونا پابندين ۾ نرمين بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي 30 نومبر تائين عمل ٿيندو.

نوٽيفڪيشن موجب سڄي سنڌ ۾ انڊور تقريبن ۾ 500 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور تقريبن ۾ هڪ هزار ماڻهو شرڪت ڪري سگهندا، جڏهن ته انڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن ۾ ويڪسينيٽيڊ ماڻهو ئي شرڪت ڪندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ هفتي جا 7 ئي ڏينهن ڪاروبار کليل رکي سگهبو پر مارڪيٽون ۽ بازارون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.