گهوٽڪي لڳ عورت جي قتل ۽ زيادتي معاملي جي رپورٽ طلب

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ جانڻ واسو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ شملي خاتون کي قتل ۽ سرحد ۾ چاچي هٿان جوان ڀائٽي آسيه قتل سميت ڏهرڪي ۾ 15سالا نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش وارو معاملو جي حوالي سان تفصيل طلب ڪري ورتا، ان حوالي سان سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر سکهديو آسرداس چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کان ٽنهي معالمن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، جنهن ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ناري شملي خاتون کي قتل جو ڪيس سرڪار جي مدعت ۾ داخل ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سرحد ۾ چاچي هٿان جوان ڀائٽي آسيه قتل سميت ڏهرڪي ۾ 15سالا نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش وارو معاملو جا جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.