نوشهري ۾ عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي تي ٻن قتل جو ڪيس داخل

نوشھرو فيرور ( رپورٽ :  ايم ظفر تڳر ) سيشن جج نوشھروفيروز جڙتو مقابلي ۾ ٻن نوجوانن کي عدالت کان مٿاهون قتلن جي ورتل نوٽيس بعد ٿرڊ ماجسٽريٽ جي ڪيل جاچ  تي ڊي ايس پي مورو حميد پنهور مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو سيشن جج نوشھروفيروز محبوب علي جواري آءِ جي سنڌ، گهرو کاتو،  ايس ايس پي نوشھروفيروز کي حڪم ڪيو ته ڄاڻايل ڊي ايس پي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري معاملي جي جاچ ڪري 10 ڏينهن اندر فرسٽ ايڊيشنل نوشھروفيروز وٽ رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڪري ڇڏيو ڊي ايس پي مورو عبدالحميد پنهور پاران جڙتو مقابلو ڏيکاري ٻن ڳڀرو نوجوانن اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي قتل ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو جنهن تي اڄ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جڏھن ته اهڙي ڪاپي لاڳاپيل اداران کي پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي.هوڏانهن ڊي آءِ جي حيدر آباد مبينا مقابلي ۾ قتل ٿيلن نوجوان جي آءِ ٽي جوڙي هفتي اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.