ميرپور خاص ۾ سس کي قتل ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش، ڏوهه جو اعتراف

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) وحشي صفت ناٺي شوڪت علي پنهور پٽ نورمحمد پنهور سس پاران سندس گھر واري کي واپس ساڻس نه موڪلڻ ۽ سندس زال کي طلاق ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي ناراض ٿي پنهنجي سئوٽ دوست عامر پنهور سان گڏجي سس کي بي رحمي سان ڪهي قتل ڪرڻ بعد سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري لاش کي ٻوري ۾ بند ڪرڻ بعد لاش جھنگ ۾ اڇلائي ۽ بستر سميت تڏي کي ڪمند جي فصل ۾ اڇلائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن کي پوليس گذريل ڏينهن ميرپورخاص جي لاڳاپيل عدالت سڳوري ۾ پيش ڪري جوابدارن جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ڪيس جي وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته پوليس قتل ٿي ويل عورت جي سسي کي تلاش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پوليس ذريعن موجب جوابدارن پاران لاش جي سڃاڻپ لاءِ عورت جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ٻوري ۾ بند ڪري اڇلائڻ واري جاءِ ٻڌائڻ بعد ڪيترائي ڀيرا ڳولاھ ڪرڻ جي باوجود سسي هٿ نه اچي سگھي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته سسي جانورن جي ور چڙهي ويئي آهي پر پوليس پاران سسي جي ڳولاھ سسي ملڻ تائين جاري رهندي. ٻيطرف ذريعن موجب پوليس پاران قتل ڪيس جي جانچ دوران جوابدار شوڪت پاران پنهنجي سس کي ڪارو ڪاري تحت قتل ڪرڻ جو بيان ڏيڻ جا چوٻول آهن. جنهن ۾ هن پنهنجي دوست جي مدد سان سس کي گھرائي کيس قتل ڪرڻ ۽ لاش جي سڃاڻ نه ٿيڻ لاءِ سسي  لاش جو ڌڙ ۽ سامان کي شهر کان ٻاهر ڪمند جي فصل ۾ ڌار ڌار اڇلائڻ جو بيان ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.