پيرڳوٺ لڳ اسڪول ۾ فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ، متاثرن پاران ڌرڻي جو اعلان

پيرجوڳوٺ (رپورٽ علي گل جوڻيجو) ڪوٽ ميرمحمد جي پرائمري بوائز اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ هجڻ ڪري سوين  شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪلاسن ۾ پٽ تي ويھي تعليم پرائي رھيون آھن، 5 سئو کان وڌيڪ شاگردن لاءِ 7 ماستر مقرر ٿيل جن مان 2 استاد اليڪشن جي ووٽر لسٽن جي ويريفڪيشن لاءِ ويل آھن، ان سلسلي ۾ اسڪول جي سوين  شاگردن ۽ شاگردياڻين والدين سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي اسڪول ۾ ويھڻ لاءِ فرنيچر نه آھي پٽ تي ويھي تعليم پرائي رھيا آھيون جنهن ڪري ڪيترائي معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پيا آھن پر ڪوبه تدارڪ ڪرڻ وارو نه آھي، رابطو ڪرڻ تي اسڪول جي هيڊماستر غلام مرتضي ڦلپوٽو ٻڌايو ته استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ بابت تعليم کاتي جي تعلقي توڙي ضلعي عملدارن کي   لکت ۾ چيو آھي پر اڃان تائين اسان جي اسڪول جو جائز مسئلو حل نه ٿي سگهيو آھي،هوڏانهن شھرين تعليم جي صوبائي وزير، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي چتاءُ ڏنو آھي ته جيڪڏهن جلد مسئلو حل نه ڪيو ويو ته  سوين شاگرد ۽ سندن والدين ڊي سي آفيس خيرپور اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو هڻندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.