ڪنڌ ڪوٽ ۾ ويڪسينيٽرز جو 3 هفتن کان احتجاج جاري

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ )ڪنڌڪوٽ ۾ ويڪسينيٽرز جو گذريل 3 هفتن کان احتجاج جاري آهي.ويڪسينيٽرز پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سول اسپتال جي احاطيٻاهريان احتجاج ڪندي ويڪسينيٽرز ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين جي مھم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي.ان موقعي تي ويڪسينيٽرز جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت گذريل 4 سالن کان اسان کي لالي پاپ ڏيکاريندي پئي اچي سنڌ حڪومت صرف ٺلها دلاسا ڏنا پر هاڻ ائين نه ٿيندو جائز مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو هنن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ويڪسينيٽرز اپگريڊ ۽ ٽائيم اسڪيل کان محروم آهن اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 336 ملازمن جي بحالي جو واعدو پورو نه ڪيو آهي اسان جو احتجاج جاري رهندو هنن چيو ته ڊي ايڇ او ۽ ڊي سي ڪنڌڪوٽ نان ٽيڪنيڪل ٽيم ويڪسين لاءِ کنيا آهن جن کي ويڪسين ڪرڻ ئي نه پئي اچي نان ٽيڪنيڪل ٽيم سان نقصان جا اثرات ضلعي ۾ سامهون ايندا، ٻئي طرف ويڪسينيٽرز جي احتجاج سبب صحت کاتي ڪشمور ۽ ڊي سي مهم لاءِ الٽرنيٽ ڳولهي ورتو ڊي ايڇ او پاران مهم لاءِ ڊيلي ويجز تي ارڙي ۽ روبيلا جي ويڪسين ڪرڻ لاءِ 10 ٽيمون تشڪيل ڏئي ڇڏيون ان سلسلي ۾  ڊي ايڇ او اعجاز احمد سومرو جو چوڻ هو ته ويڪسينيٽرز سان ڳالهيون ڪيون آهن، سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به قومي ارڙي روبيلا مهم 2021 جي شروعات ڪئي وئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ،غوثپور دڙي پهچي قومي ارڙي روبيلا مهم 2021 جو جائزو ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.