چمبڙ جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ، پوک نه ٿي، ڌرڻو

چمبڙ (ت ر) چمبڙ بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ پڇڙي جي مختلف شاخن چاڪر شاخ، ميرانکوري شاخ، زنئور شاخ، ۽ نصيرڪئينال مان نڪرندڙ ڇڇ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو سنڌھاري پورھيت ڪميٽي سنڌ جو صدر ڪامريڊ فيض ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ڪامريڊ ارباب رستماڻي، لکي خاصخيلي امان الله لغاري، محمد ھاشم لغاري، حاجي محمد خاصخيلي، محمود خاصخيلي، عبدالڪريم، علي نواز. سنڌو لغاري، عمر شيخ سميت چمبڙ جي  ايريگيشن آفيس جي سامھون احتجاجي مظاھرو ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو تہ آبپاشي عملدار ھر سيزن ۾ اسان سان پوکي مھل ظلم ٿا ڪن، ھن وقت ڪڻڪ جي پوکي جو پور سيزن آھي ايريگيشن جي ڪرپٽ عملدارن اسان جي ٻچن جي روزگار جو زريعو بند ڪري اسانجي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثرن کي ڏوڪڙن عيوض کپائي شاخن جي پڇڙين ۾ ھٿرادو کوٽ قائم ڪري اسانجو معاشي قتل ڪري رھيا آھن ھنن چيو تہ جڏھن ڀرساتون پون ٿيون تہ ايريگيشن عملدار منڍ جي بااثرن جون زرعي آباديون بچائڻ لاء انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي انداز کان مٿي پاڻي شاخن جي پڇڙين ڏانھن ڇوڙي ٿا ڇڏين اسان وٽ ھڪ خطرناڪ ٻوڏ واري صورت پيدا ڪري اسان جي زرعي زمينن سان گڏو گڏ اسانجي سر ڍڪڻ جا اجھا بہ ٻوڙيو ٿا ڇڏين ۽ اسان پنھنجو سر بچائي ٻچا وٺي ڳوٺن جي لنڪ روڊن تي اجنين وانگر دانھون ڪندا رھندا آھيون ڪو بہ سار نٿو لھي ۽ ھاڻ جڏھن پوکي جو وقت آيو ٻچن جي پيٽ گذر چيٽ جي پور سيزن ڪڻڪ جي پوکي جو مھل آيو تہ آبپاشي عملدارن اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثرن کي کپائي پڇڙين ۾ ھٿ وٺي پاڻي کوٽ قائم ڪري معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ھنن سنڌ حڪومت،وفاقي حڪومت ۽ آبپاشي انجنيئر کان مطالبو ڪيو آھي تہ نااھل ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي معاشي قتل عام کان بچائي حصي جو وڪرو ٿيل پاڻي واپس ڏياريو وڃي تہ جيئن ٻچن پيٽ گذر لاء ڪڻڪ جي پوکي ڪري سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.