آن لائن پگهارون ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ ليبر يونين پاران احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سنڌ جي سڏ تي ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ملازم تنظيم محنت ڪش ليبر يونين طرفان ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري ذريعي آن لائين نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي ملازمن هٿن ۾ بئنر ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي فيڊريشن جي مرڪزي سينيئر نائب صدر رسول بخش شاهاڻي، يونين چيئرمين منور علي سانڊاڻو، سينيئر نائب صدر غلام اصغر جتوئي، جنرل سيڪريٽري شام لعل ڪرارا، صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري قلندربخش شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻين کاتن جي ملازمن کي پگهارون ۽ رٽائر ملازمن کي ٽريزري جي ذريعي پگهار ۽ پينشن ڏني پئي وڃي پر مستقل ملازم هئڻ جي باوجود اسان جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري جي ذريعي آن لائين نه ٿي سگهيون آهن. هنن چيو ته هر مهيني مينوئل طريقي سان ملازمن کي پگهارون ڏئي انهن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ سان گڏ بلاجواز پگهارون بند ڪري ساڻن ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ٽريزري جي ذريعي آن لائين پگهارون نه ملڻ توڙي پگهارن مان ڪٽوتي جي ڪري ڪيترن ئي ملازمن جون هن مهانگائي واري دور ۾ جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي، پ پ چيئرمين نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.