خيرپور ۾ ڀاڻ جي اگهه ۾ هڪ هزار واڌ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي  زرعي مارڪيٽ پنجھٽي جي نفعي خور وپارين رات جي پيٽ ۾ 1هزار روپيا في ڊي ئي پي ٻوري تي اگھ وڌائڻ واري عمل خلاف آبادگارن ۽ هارين پراڻو قومي شاهراه بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي هاري ڪميٽي سنڌ جو اڳواڻ مير منور ٽالپور،وڏيرو عبدالحسين ڪٽوهر،محرم خان هاليپوٽو،صالح لاکو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته نفعي خور واپارين آهن جن ۾ گھڻائي شيخ ۽ ديوان برادي جي آهي انهن هٿرادو ڊي ئي پي ۽ اينگرو يوريا تي 1هزار روپيا في ٻوري جو اگھ وڌائي ڇڏيو آهي 7500جو سرڪاري اگھ مقرر آهي نفعي خور واپارين رات جي پيٽ ۾ 8500اگھ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪڻڪ جو ٻج في مڻ 3هزار روپيا مقرر ڪيو آهي اسان آبادگارن جو ڏيوالو نڪري ويو آهي خيرپور ضلعي ۾ ڪو به لا اينڊس آرڊر نه آهي زرعي کاتي جا عملدار دوڪاندارن سان ٻٽ بڻيل آهن تنهن ڪري دوڪاندار هٿرادو اگھ مقرر ٿا ڪن هنن چيو ته ڪنهن به دوڪاندار وٽ ريٽ لسٽ ناهي لڳل ضلعي انتظاميان طرفان مقرر ڪيل پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي غيرفعال تنهن ڪري هر دوڪاندار پنهنجي مرضي جا اگھ مقرر ڪري ٿو هنن ڊي سي خيرپور کان گھر ڪئي ته ڪيميائي ڀاڻ ڊي ئي پي،اينگرو يوريا جا هٿرادو مقرر ڪيل اگھ ختم ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو جنهن جي زميواري ضلعي انتظاميان تي هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.