سنڌڙي ڀرسان باهه، ٻن پورهيتن جا گهر خاڪ ۾ تبديل

سنڌڙي(ن ع آ) سنڌڙي ڀرسان آتڻا موري جي ڳوٺ گل محمد منڱريو  چلھ جي چڻنگ مان باھ لڳڻ ڪري ٻن پورھيتن اچلوڪولھي ۽ لکو ڪولھي جا گھر سڙي رک ٿي ويا گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثر  کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن

  • باقراڻي ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي ، خلق پريشان

باقراڻي ( ن ع آ  )   باقراڻي شهر سميت تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن خير محمد آريجا ، پٺاڻ ، مڏباهو ، هٽي ، ڳيريلو ، اوٺا چوڪ ، باقراڻي موري ، رشيد وڳڻ ، محراب سنديلو ، محراب پور ، نئين گڏ ، پراڻو آباد ، نئون آباد ، باقراڻي اسٽيشن سميت ٻين ڳوٺن ۾ وياج جو ڪاروبار عام ، وياجي ٿوري عرصي کان ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن ، وياجين ڪيترن ئي غريب ، ضرورت مند ماڻهن کي پنهنجي چالاڪي سان ڦاسائي کين وياج ڏين ٿا ، جنهن سبب ڪيترائي خاندان سندن وياج ۾ جڪڙجي تباھ ٿي وڃن ٿا ، ضلعي انتظاميه وياج جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا ، وياجي غريبن توڙي سرڪاري ملازمن جا جڳھن جا ڪاغذ ۽ سرڪاري ملازمن جا چيڪ بڪ رکي هنن کي بليڪ ميل ڪري رقم وصولي ڪن ٿا ، باقراڻي شهر واسين سميت ڪيترائي سرڪاري ملازم وياج خورن جي چنبي  ۾ ڦاٿل آهن ۽ سندن زندگيءَ عذاب بڻيل آهي جڏهن ته اهڙي ڪڌي وياج جي ڪاروبار  ڪندڙن ۾ ڪيترائي سفيد پوش ماڻهو پڻ شامل آهن ، جيڪي ننڍن وياجين کي لکين روپيا ڪميشن عيوض ڏئي ڪاروبار ڪن ٿا ، جن وياج جي حرام جي پئسن مان ڪروڙين رپين جي ماليت جون پراپرٽي ٺاهي ورتي آهي ، وياجي قانون جي پڪڙ کان آجا ، هوڏانهن ان سلسلي ۾ باقراڻي جي سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ کان مطالبو ڪيو ته باقراڻي تعلقي ۾ وياجين خلاف ڪارروائي ڪري وياج جي ناسور ۾ ڦاٿل غريب اٻوجھ ماڻھن جي خاندانن کي بچايو وڃي.

  • سکر لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت

سکر ( رپورٽر) صالح پٽ لڳ ڳوٺ سوڀو مهر لنڪ روڊ آڌي ٽڪر جبل وٽ رات دير سان ٻن موٽر سائيڪلن وچم ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالا مشتاق عرف مستڻ ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو  جنهن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي پيرسن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته پيرسن سان گڏ سوار زخمي ڪرم حسين رند ٻڌايو ته رات جو رستي سان اچي رهيا هئاسي ته  نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن جي موٽر سائيڪل اچي لڳي جنهن سان اسان ڪري پيا سي ۽ هو موٽر سائيڪل ڀڄائي هليا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.