خيرپور ۾گهرن مان مبينا فائرنگ۽ ڳوٺاڻي کي اغوا ڪرڻ خلاف ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھنور خان مشوري ٻن ڳوٺاڻن مولوي مولا داد ۽ مولوي محمد يعقوب جي گھرن مٿان فائرنگ ڪري حملو ڪرڻ ۽ کين اغوا ڪرڻ جي خلاف ڳوٺاڻن پريالوءِ خيرپور لنڪ روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي عبدالرشيد مشوري،محمد يعقوب مشوري،مولوي مولا داد مشوري،محمد يوسف مشوري شاھنواز مشوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته 3مهينا اڳ لينڊ مافيا جي اڳواڻ اشفاق انصاري ويٺل سکر جنهن اسان کان ٻه ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي ۽ بيانو به ڏنو انجام تي پيسا نه ڏنا هينئر زبردستي اسان جي زمين تي قبضو ٿو ڪري منع ڪرڻ تي رات جي اونداهي ۾ ڏهن کان وڌيڪ هٿياربند شهزور گاڏي ۾ سوار ٿي اسان جي گھرن مٿان فائرنگ ڪري حراس پکيڙي مولوي محمد يعقوب کي اغوا ڪري رهيا هئا ته حد جي پوليس ۽ پرائيويٽ چوڪيدار واقعي واري هنڌ پهتا ته لينڊ مافيا اڳواڻ اشفاق انصاري هٿياربندن سميت شهزور گاڏي ڀڄائي فرار ٿي ويو. بعد ۾ هن مولوي محمد يعقوب کي فون تي موتمار ۽ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيو هنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته اشفاق انصاري مٿان اغوا ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتاري ڪيو وڃي سخت سزا ڏني وڃي هوڏانهن واقعي خلاف فيض واھ اسٽاپ ۽ ڳوٺ گھنور خان مشوري جو بازارو بند ڪري شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ۽ فيض واھ اسٽاپ تي به احتجاجي مظاهرو ڪري پرالوءِ سکر روڊ پڻ بند ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.