سيوهڻ لڳ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، پيءٌ پٽ زخمي

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ لڳ انڊس ھاء وي تي آراضي اسٽاپ وٽ تيزرفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ بائيڪ سوار 2 ڄڻا پيء پٽ سخت زخمي ٿي پيا جن کي سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جي سڃاڻپ پيارو خان ٽالپر  ۽ سندس پٽ نظير حسين ٽالپر طور ڪئي وئي زخمي نوجوان نظير حسين ٽالپر جي حالت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد مـتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي پيء پٽ پنھنجي ڳوٺ حيدر ٽالپر کان موٽرسائيڪل تي ڳوٺ آراضي اسٽاپ وٽ روڊ ڪراس ڪري رھيا ھئا ته سامھون ايندڙ تيز رفتار ڪار سان ساڻن ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ پيء پٽ سخت زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف سيوھڻ پوليس حادثي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري حادثو ڪندڙ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪار ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.