شهدادپور جي اسپتال مان ڊاڪٽر گم، عورت تڙپي فوت

شهدادپور (ن ع آ)شھدادپور جي هرداس پورا واسڻ بلديه ملازم ضمير احمد شيخ جي گهر واريءَ 45 سالا ريحانه شيخ کي ساه جي تڪليف سبب سمس اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن جي نه هجڻ سبب مذڪوره عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي ان سلسلي ۾ سندس فرزند شمشاد شيخ احتجاج ڪندي ڊاڪٽرن تي الزام هنيو ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي غفلت سبب منهنجي والده فوت ٿي آهي هن چيو ته نه ڊاڪٽر هو نه آڪسيجن جي سهولت جنهن سبب والده فوت ٿي آهي هنن چيو ته سمس اسپتال کي ريفر سينٽر بڻائي تباهي ڪناري پهچايو ويو آهي ملوث ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي هوڏانهن ڊاڪٽرن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊائريڪٽر سمس سان رابطو نه ٿي سگهيوٻي طرف ميونسپل ڪميٽي ورڪرز يونين جي طرفان واقعي تي سخت افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نااهل ڊائريڪٽر سمس ۽ ملوث ڊاڪٽر عملي خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.