نئون ڪوٽ لڳ 2 پورهيتن جي گهرن کي باهه

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ لڳ ڳوٺ حاجي جمن احمداڻي ۾ پورھيت جامون ڪولهي ۽ ڀوڄو ڪولهي جي گھرن ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ٻنهي گھرن ۾ پيل الھو تلھو سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ڀرواري جي گھرن کي پڻ تباھ احمد خاصخيلي ۽ محمد خاصخيلي کي بہ سخت متاثر ڪيو جنهن کي گھرن ڌڻين وڏي مڙسي ڪري باھ تي ضابطو آندو جڏهن ته باھ متاثر جامون ۽ ڀوڄو ڪولهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن انسانيت جي ناتي  ڪجھه کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ اٽو ڏنو آهي پر سرڪار نه اين جي اوز ھنن باھ متاثرين وٽ  پهتي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.