گهوٽڪي لڳ چڙهائي،ڦرلٽ، پورهيت، ڀاڄائي ۽ ٻن ٻارن سميت کنڀجي ويو، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي پوليس جي پورهيت جي گهر تي  ڪاھ , پوليس هڪ پورهيت, عورت ۽ سندس ٻه معصوم ٻار کنبي گم ڪري ڇڏيا، خبر موجب گهوٽڪي لڳ ٽانوري پلاٽ ڪالوني ۾ گذريل رات ايس ايڇ او گهوٽڪي صدورو لاشاري پوليس اٽالا ساڻ ڪري غريب پورهيت رب ڏنو ۽ احمد دين شيخ جي گهرن تي ڪاھ ڪئي جتي پوليس قيمتي سامان کڻي وئي، رٽائرڊ فوجي احمد دين شيخ، سندس ڀاڄائي مائي ممتاز، سندس معصوم ٻار انم ۽ سونم کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي پورهيت رب ڏنو شيخ، مائي حوا ۽ معصوم ٻارن احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات گهوٽڪي پوليس بلاجواز چڙهائي ڪندي اسان جي گهر مان قيمتي سامان ۽ پورهيت احمد دين شيخ، مائي ممتاز ۽ سندس ٻه معصوم انم ۽ سونم شيخ کي کنڀي کڻي وئي آهي، هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون، پوليس بلاجواز گهر تي چڙهائي ظلم ڪيو آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ  جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس خلاف خلاف ڪارروائي ڪري کنڀيل پورهيت ۽ سندس عورت ۽ معصوم ٻارن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.