ڪنري واسي نوجوان گم، پوليس تي کنڀڻ جو الزام،امڙ جون دانهون

ڪنري (ت ر) ڪنري واسي نوجوان پراسرار نموني لاپته، پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، نوجوان جي ٻڍڙي امڙ دانھن کڻي صحافين وٽ پھچي وئي، نوجوان کي پوليس وچ شھر مان گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ظاھر نه پيو ڪيو وڃي، اکين جي نور کان محروم عورت جو انصاف لاءِ دانھون. تفصيل موجب ڪنري ويجھو ڳوٺ مھپاري واسي نوجوان مرچ منڊي جو مزدور 20 سالن جو صحبت خاصخيلي ٻن ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو. نوجوان جي ٻڍڙي امڙ اکين جي نور کان محروم سبحاني خاصخيلي دانھن کڻي صحافين وٽ پھچي وئي. جتي ھن دانھيندي ٻڌايو ته منھنجو ٻچڙو شھر ۾ دوائون وٺڻ ويو جنھن کي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ گم ڪري ڇڏيو. بار بار دانھن کڻي ٿاڻي تي ويا آھيون پر پوليس نوجوان جي گرفتاري کان لاعلمي ظاھر ڪري پئي، ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. ھن چيو ته منھنجي پٽ کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، غريب آھيون ڪير دانھن ٻڌڻ وارو ناهي. پٽ مزدوري ڪري ٿو ۽ گھر ھلائي ٿو. خبر ناهي پوليس ڪنھن جي ونگار وھندي کيس گرفتار ڪيو آھي ۽  بغير ڪنھن ڪيس کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي. ڊپ آھي ته پوليس کيس ماري نه ڇڏي. ھن مطالبو ڪيو ته پٽ کي فورن آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيد عاطف شاھ نوجوان کي گرفتاري کان لاتعلقي ظاھر ڪندي ته اسان کي معاملي جي ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي نوجوان کي اسان گرفتار ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.